عاشق جي ٽڪري

عاشق جي ٽڪري

عاشق جي ٽڪري

عاشق جي ٽڪري: هي ماڳ سنڌ جي جابلو علائقي ڪاڇي ۾ آهي. ڪاڇو هن وقت جاگرافيائي لحاظ کان لاڙڪاڻي، قنبر، شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن جي جابلو علائقي تي مشتمل آهي. هن ٽڪريءَ جي نالي بابت عام روايتن ۽ نواب سر غيبي خان جي ڪتبخاني ۾ موجود قديم قلمي نسخي مان پتو پوي ٿوته سما گهراڻي جي حاڪم جوڻو بن ڄام ٻانڀڻيو جي دور ۾ مناهيون نالي هڪ فقير چويل نالي هڪ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو. فقير مناهيي چويل جي پيءُ ساند کان سڱ گهريو. ٻئي طرف چويل به پنهنجي پيءُ کي صاف چئي ڇڏيو ته شادي مناهيي فقير سان ڪندس، ٻيو ڪو به ور مون کي قبول ناهي. ساند جي ضد سب ٻنهي جي شادي ته نه ٿي سگهي، پر مناهيون فقير چويل جي ڳوٺ کان ڪجهه پرڀرو هڪ ٽڪري تي ويهي رهيو، جتي رات جو دونهي دکائي چويل جي ڳوٺ ڏانهن منهن ڪري ويهندو هو. چويل به ڳوٺ ڀرسان هڪ دڙي تي ويهي رهندي هئي، جنهن جو منهن عاشق جي ٽڪريءَ طرف هوندو هو. نيٺ ٻئي هڪٻئي جي سڪ ۾ گذاري ويا ۽ مناهيي فقير جي نسبت سان ٽڪري تي ’عاشق جي ٽڪري‘ نالو پيو. عاشق جي ٽڪري ۽ چويل جو دڙو هڪٻئي کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهن.


لفظ عاشق جي ٽڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو